پرچون فروشن لاءِ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور

اسلام آباد:  ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڳالهين ۾ پرچون فروشن لاءِ هڪ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال دوران پرچون فروشن لاءِ هڪ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ ۽ زرعي آمدني ٽيڪس لاءِ هدف مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني ٽيڪس لاءِ هارين جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، ۽ ٽيڪس فائلرز لاءِ هڪ هدف مقرر ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب، فيڊريشن بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي وچ ۾ زيرو ٽيڪس ريٽرن فائلرز جي تعداد کي گهٽائڻ ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو هدف مقرر ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال دوران صوبن جي سرپلس بابت به ابتدائي ڳالهيون ٿيون.

تبصرے بند ہیں۔