شاهراهه ڀٽو کي هلندڙ مهيني مڪمل طور تي کولي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:  سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت هلندڙ مهيني شاهراهه ڀٽو کي مڪمل طور تي کولي رهي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته شاهراهه ڀٽو موٽر وي ايم نائن سان ڊائريڪٽ ڪينڪٽ ڪندي، شاهراهه ڀٽو کي هلندڙ مهيني مڪمل طور تي کولي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا جنهن سان عوام کي وڌ کان وڌ سهولت ملندي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي پورٽ کان هڪ روڊ ٺاهيو پيو وڃي جيڪو قيوم آباد تائين ايندو، ڪراچي ۾ برجز، انڊر پاس ۽ روڊن جي تعمير جو ڪم هلي رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته شهر جي ميگا پروجيڪٽس تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ريڊ لائين بي آرٽي جي ڪري اسان کي بدنامي برداشت ڪرڻي پئي آهي، ڪنٽريڪٽر ڪم مڪمل نه ڪري رهيو هو انهي لاءِ ريڊ لائن منصوبو ڪنهن ٻئي کي ڏنو، انهي منصوبي جي دير تي عوام کي پريشاني ٿي انهي جي لاءِ معذرت خواهه آهيون.

هن چيو ته چيني ڪمپنيون ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي رهيون آهن. ڊي سيلينيشن پلانٽ سان ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو، ڊي سيلينيشن پلانٽ مهانگو هوندو پر انهي کي آڻي رهيا آهيون. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته هڪ منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهي تي ادارن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي، اسان به انهي عورت کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جا سمورا روڊ ۽ هاءِ ويز هن وقت محفوظ آهن، اسان کي پوليس جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صدر زرداري جي چين جي دوري ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ بابت منصوبن تي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. سي پيڪ جو باني ڪو ٻيو نه پر آصف زرداري آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته منهنجي علم ۾ اڄ تائين 28هين ترميم جي ڪابه ڳالهه نه آهي، منهنجي رپورٽن موجب وفاقي حڪومت طرفان ڪنهن به ترميم جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔