لاهور : آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي تياري لاءِ لاهور ۾ ڪيمپ لڳائي ويندي. 3 هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ميچن جي سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ڪيمپ لاهور ۾ 21 مئي تائين جاري رهندي. لاهور اين سي اي ۾ وائيٽ بال ڪيمپ 15 مئي تي شروع ٿيندي، جنهن ۾ 28 رانديگر ٽريننگ سيشن ۽ پريڪٽس ميچن ۾ حصو وٺندا.اين سي اي ڪوچنگ اسٽاف پاڪستان مينز وائيٽ بال ٽيم ڪوچنگ اسٽاف سان گڏجي رانديگرن سان ڪم ڪندو. پاڪستان انڊر 19 فاسٽ بالر عبدالسبحان ۽ علي رضا به اين سي اي وائيٽ بال ڪيمپ ۾ شامل آهن، جڏهن ته عامر جمال، عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عاڪف جاويد، عرفات منهاس ۽ فيصل اڪرم به ان جو حصو هوندا. ان کان سواءِ ڪيمپ ۾ فخر زمان، حيدر علي، حمزه نذر، حارث رئوف، حنين شاهه، خواجه محمد نفي، معز صداقت، مهراڻ ممتاز، محمد فائق، محمد حسنين، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، سعد بيگ، سعد مسعود، صاحبزاده فرحان، شاداب خان، شمائل حسين، معظم خان ۽ صوفي پڻ شرڪت ڪندا.
تبصرے بند ہیں۔