ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري لاءِ 10 ارب روپين کان وڌيڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ميگا ڊوالپمينٽ پروجيڪٽ تي اجلاس ٿيو جنهن دوران ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي روانگي، روڊن جي بحالي ۽ ٽرانسپورٽ نظام سميت 10 ميگا پروجيڪٽس جو جائزو ورتو ويو.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب مراد علي شاهه ڪراچي جي بنيادي انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ 10 ارب روپين کان وڌيڪ جي فنڊز جي منظوري ڏني ۽ ڪراچي جا ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عظيم پوره کان لانڍي مرتضيٰ چورنگي تائين متبادل ڪوريڊور منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اهو ڪوريڊور منصوبو 58 ڪروڙ 20 لک روپين جي لاڳت جو آهي، انهي منصوبي سان ٽريفڪ شاهراهه ڀٽو منتقل ٿيڻ تي رهائشي علائقن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو جنهن تي وزيراعليٰ وزير بلديات کي هدايت ڪئي ته منصوبو منظوري جي لاءِ فوري طور تي پيش ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي وڌندڙ آبادي ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ گڏيل منصوبه بندي ۽ ترقياتي منصوبن تي فوري ڪم شروع ڪيا وڃن.
تبصرے بند ہیں۔