ڪراچي: سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. سپارڪو ترجمان چيو آهي ته 17 مئي تي سج لهڻ وقت نئين چنڊ جي عمر 18 ڪلاڪ 30 منٽ هوندي ۽ 17 مئي جي شام ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن.
ترجمان موجب پهرين ذوالحج 1447 هجري سومر جي ڏينهن 18 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو موجب ذوالحج جي چنڊ جي رويت ۽ نئين اسلامي مهيني جي شروعات جي باري ۾ حتمي فيصلو پاڪستان جي مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ڪندي.
سپارڪو چيو آهي ته مرڪزي رويت هلال ڪميٽي سموري ملڪ مان ملندڙ معتبر شهادتن ۽ گڏيل شاهدين جي آڌار تي اسلامي مهينن جي شروعات جو اعلان ڪرڻ وارو ادارو آهي.
تبصرے بند ہیں۔