واشنگٽن: وائٽ هائوس ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.
پنهنجي خطاب ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ايران جي فوجي طاقت کي ڪافي حد تائين تباهه ڪيو ويو آهي، هاڻ انهي وٽ نه ته موثر بحريه آهي، نه فضائيه ۽ نه ئي وري جديد ريڊار سسٽم، ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا انهي حوالي سان بهتر ڪم ڪري رهيو آهي.
ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سمنڊ ۾ 159 ايراني جهاز ٻوڙيا ويا آهن پر انهي سان گڏ هن اهو به واضح ڪيو ته هو ايران سان جنگ جو حامي نه آهي ۽ نه ئي وري کيس جنگ پسند هئي.
آمريڪي صدر چيو ته ايران کي اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن جو هو سوچي به نٿو سگهي، هن چيو ته ايران سان تڪرار ختم ٿيڻ کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
چين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيني صدر سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منهنجو چين جو امڪاني دورو انتهائي اهم هوندو. ٽرمپ داخلي معاملن تي به خيالن جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ جي ٽيرف بابت فيصلي کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ انهي کي بيڪار فيصلو قرار ڏنو. هن چيو ته عدالتي فيصلي کان پوءِ ٽيرف جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي پر ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔