ايران ۾ بمن کي ناڪارا بڻائڻ دوران ڌماڪو، پاسداران انقلاب جا 14 اهلڪار شهيد

تهران : ايران ۾ بمن کي ناڪارا بڻائڻ دوران ڌماڪي ۾ پاسداران انقلاب جا 14 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ايراني ميڊيا موجب زنجان صوبي ۾ بارودي سرنگهن ۽ نه ڦاٽندڙ گولي بارود کي ناڪارا بڻائڻ جي آپريشن دوران ٿيندڙ ڌماڪي ۾ پاسداران انقلاب جا 14 اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
پاسداران انقلاب ان حوالي سان چيو ته دشمن جي فضائي حملن ۾ ڪلسٽر بمن ۽ بارودي سرنگهن سبب زنجان صوبي جا مختلف حصا گدلا ٿي ويا هئا، ماهر هيل تائين 15 هزار کان وڌيڪ اهڙن بمن کي ناڪارا بڻائي چڪا هئا پر هڪ مشن دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 14 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

تبصرے بند ہیں۔