نيوزيلينيڊ ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ بنگلاديش کي ڇهن وڪيٽن تان مات ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ورتي.
مينهن سبب متاثر ٿيل سيريز جي ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ بنگلاديش کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني.
15 اوورن تائين محدود ڪيل ميچ ۾ بنگلاديش 102 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
نيوزيلينڊ جي بالرن بنگالي بيٽرن کي تيزيءَ سان رنسون ٺاهڻ نه ڏنيون ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون پڻ ورتيون.
بنگلاديش طرفان توحيد هردوئي 33 ۽ لٽن داس 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
نيوزيلينڊ جي جوش ڪلارڪسن 3، نيٿن سمٿ ۽ بين سيئرز 2-2 ۽ جيڊن ليناڪس ۽ اِيش سوڌي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ جي بيٽنگ جي شروعات سٺي نه رهي، ڪيٽين ڪلارڪ، ڊين ڪليور ۽ نڪ ڪيلي هڪ هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽيا.
ان کانپوءِ ٽِم رابنسن 23 رنسون ڪيون، 33 رنسن تي چوٿين وڪيٽ ڪِري ۽ لڳو ته بالر ڪيوي بيٽرن کي رنسون ڪرڻ نه ڏيندا پر بيون جيڪبس ۽ ڊين فاڪس ڪرافٽ بيهي رهيا ۽ ٻارهين اوور ۾ ٽيم کي ميچ کٽائي موٽيا، بيون جيڪبس 31 بالن تي 62 ۽ فاڪس ڪرافٽ 15 بالن تي 15 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي شورفل اسلام3 وڪيٽون ورتيون، بيون جيڪبس کي ميچ ۽ توحيد هردوئي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته سيريز جي پهرين ميچ بنگلاديش کٽي هئي جڏهن ته ٻي ميچ برسات جي ور چڙهي وئي هئي، اهڙي طرح سيريز برابر ٿي وئي.
ون ڊي سيريز بنگلاديش 1-2 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔