اورڪزئي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ٻوڏ وهڪرن ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا

پشاور:  خيبرپختونخواهه جي ضلعي اورڪزئي ۾ تازي برساتي نظام جي تحت ٿيندڙ طوفاني برسات سبب تباهي ٿي وئي آهي.

تفصيل موجب مشتي ميله واري هنڌ تي تيز برساتن کان پوءِ ٻوڏ وهڪرن سبب ڪيترائي دڪان ۽ گهر پاڻي ۾ لڙهي وي اجڏهن ته رستي ۾ ايندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون به لڙهي ويون.

ٻئي طرف لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به اڄ صبح جي وقت برسات پئي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

موسميات کاتي موجب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. چترال، دير بالائي ۽ زيرين باجوڙ، سوات، بونير، مالاڪنڊ، شانگله، ڪوهستان جي ضلعن ۾ موسم جزوي جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن، کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

تورغر، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، خيبر، مهمند، ڪرم، اورڪزئي ۽ وزيرستان جي ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي  ٿي. صوبي جي  ڪيترن ئي ضلعن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران موسم جهڙالو رهيو.

پشاور، نوشهره، مردان، ڪوهاٽ، چترال، سوات، زيرين دير، مهمند ۽ ڪوهستان جي ضلعن ۾ به ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون ۽ کنوڻ سان برسات پئي. انهي دوران صوبي جي ميداني علائقن ۾ تيز هوائون به هليون، پشاور  ۾ وڌ کان وڌ هوا جي رفتار 37 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ٿي.

گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران گذريل ڏينهن چرات، 18، ڪالام 11، چترال 9، پشاور(سٽي 04، اي/پي 01)، مهمد ڊيم 4، تحت بهائي 3، ميرکهني، دروش ۽ پتن ۾ 2، 2 تيمر گره ۾ 1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔