ڪولمبو : سريلنڪا ڪرڪيٽ جي صدر شامي سلوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ان حوالي سان سريلنڪا ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته شامي سلوا سان گڏ سريلنڪا ڪرڪيٽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سريلنڪا ڪرڪيٽ چيو ته شامي سلوا ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن راندين واري وزير سنيل ڪمارا گاماگي کي پنهنجي استعيفيٰ بابت آگاهه ڪيو آهي.ٻئي طرف، سريلنڪن ميڊيا جو چوڻ آهي ته شامي سلوا ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي استعيفيٰ کان پوءِ هڪ عبوري انتظاميه ڪمان سنڀاليندي.سريلنڪن ميڊيا چيو آهي ته بينڪر ايرن وڪرمارتني سريلنڪن ڪرڪيٽ ۾ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ هڪ مضبوط اميدوار آهي
تبصرے بند ہیں۔