بجلي بحران تي ضابطي جون ڪوششون , سي اين جي سيڪٽر کي گئس پاور سيڪٽر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ سي اين جي سيڪٽر کي گئس پاور سيڪٽر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي وڌندڙ کوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ گئس جي فراهمي کي بجلي جي شعبي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ سي اين جي شعبي کي فراهم ٿيندڙ 48 ايم ايم سي ايف ڊي گئس کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاور سيڪٽر لاءِ گئس ڪوٽا 108 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌائي 150 ايم ايم سي ايف ڊي ڪيو ويو آهي. هن واڌ جي باوجود، بجلي واري شعبي کي گئس جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان تحت، گهريلو صارفين کي کاڌي جي وقت گئس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني ويندي.

تبصرے بند ہیں۔