ٽرمپ ايراني تجويزن مان غير مطمئن، ايران نئين ترميم ٿيل تجويزن لاءِ سپريم ليڊر سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو

واشنگٽن:  آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي دوران امڪاني ڳالهين بابت نئين اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

وائٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ انهي جي قومي سلامتي جي ٽيم ايران طرفان پيش ڪيل هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو آهي جنهن جو مقصد جنگ جو خاتمو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي انهي تجويز ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي آڇ شامل آهي. شرط اهو آهي ته جنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين کان پوءِ جي مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ جون به ڳالهيون ڪيون ويون آهن پر ٻنهي ملڪن طرفان انهي تجويز جا مڪمل تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ته هو شديد دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ جلد کان جلد آبنائي هرمز کولڻ چاهي ٿو. ٽرمپ اشارو ڏنو ته هو انهي آڇ مان  مڪمل طور تي مطمئن نه آهي.

ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران جي آڇ کي ماضي جي مقابلي ۾ بهتر قرار ڏنو پر هن واضح ڪيو ته ڪنهن به حتمي معاهدي ۾ اهو يقيني بنايو ويندو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي. ايران انهي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ارادن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

رپورٽن موجب ايران نظرثاني ٿيل تجويزن تي سپريم ليڊر سان مشاورت لاءِ ڪجهه ڏينهن گهري ورتا آهن. آمريڪي اخبار موجب ايران ٽياڪڙي ڪندڙن کي ٻڌايو ته سپريم ليڊر سان مشاورت لاءِ ڪجهه ڏينهن گهرجن.

هوڏانهن آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجن صلاحڪارن کي ايران تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ ايراني بندرگاهن جي ڊگهي ناڪا بندي جي تياري جي  هدايت ڏني آهي ته جيئن تهران کي يورينيم تياري کان روڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي.

ايراني فوج جو چوڻ آهي ته ملڪ هن وقت به جنگي صورتحال ۾ آهي دشمن جي ڪنهن به نئين ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ماهرين موجب موجوده صورتحال ۾ ڳالهين جو عمل ڏکئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ڪنهن به حتمي معاهدي تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔