وفاقي ڪابينا پاران چين کي گڏهه جو گوشت ۽ چمڙا برآمد ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي چين ڏانهن گدھ جو گوشت ۽ چمڙا برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ڪالهه ٿيو.اجلاس دوران اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ ۾ افراط زر ۾ گهٽتائي ۽ قيمتن جي استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪندي گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي عارضي درآمد جي اجازت ڏني.اجلاس ۾ ڪميٽي جبري مزدوري ذريعي تيار ڪيل شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ۽ چين ڏانهن گدھ جو گوشت ۽ چمڙا برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني.ڪميٽي بلوچستان ۾ مقرر آفيسرن لاءِ هڪ خاص ترغيبي پيڪيج پڻ متعارف ڪرايو. ان کان علاوه، هاڪي ٽيم کي 30 ملين رپين جو انعام ڏنو ويو، جڏهن ته نيب ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن لاءِ 372 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.

تبصرے بند ہیں۔