ڪراچي : پاڪستان جي مشهور ڳائڻي سجاد علي هندستاني شهريت جي آڇ تي اهڙو جواب ڏنو آهي جنهن مداحن جا دل کٽي ورتا آهن.سجاد علي 90 جي ڏهاڪي کان موسيقي جي دنيا ۾ سرگرم آهي ۽ پنهنجي منفرد آواز ۽ لازوال گيتن لاءِ دنيا ۾ مشهور آهي.رپورٽن موجب، سجاد علي گذريل ڪجهه سالن کان لاس اينجلس، ڪيليفورنيا ۾ رهي ٿو.سندس هڪ ويجهي دوست هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪراچي ۾ هڪ ڦرلٽ جي واقعي کان پوءِ پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان دوران، دبئي ۾، هڪ هندستاني آفيسر کيس هندستاني شهريت جي آڇ ڪئي، جنهن تي سجاد علي جلدي ۽ صاف لفظ ۾ جواب ڏيندي چيو ته مون پنهنجو ملڪ ڇڏيو آهي، مون ان کي وڪرو نه ڪيو آهي.سجاد علي جي هن بيان هڪ ڀيرو ٻيهر سندس حب الوطني کي اجاگر ڪيو آهي ۽ مداحن ان کي پاڪستان سان سندس گهري تعلق جي واضح مثال قرار ڏنو آهي.
تبصرے بند ہیں۔