اسلام آباد: پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو جنگ جي خاتمي ۾ ڪردار کي تعريف جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم حڪومت پاڪستان، پاڪ فوج ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني سفير وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ امن ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو جنگ جي خاتمي ۾ ڪردار تعريف جوڳو آهي. ايراني وفد جو دورو مڪمل سيڪيورٽي، موثر منصوبه بندي ۽ بهترين انتظامن ۾ ٿيو، پاڪستاني ادارن جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي.
ايراني سفير پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي عملي جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اسلام آباد جي عوام جي مهمان نوازي، صبر ۽ تعاون کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايراني سفير پاڪستان کي ڀائرن جهڙي دوست ۽ پاڙيسري ملڪ قرار ڏيندي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔