ڪراچي جي لاهور کي 5 وڪيٽن تان شڪست

لاهور: 200 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ ڪراچي جي اننگ ڊيوڊ وارنر ۽ جيسن راءِ شروع ڪئي، جيسن راءِ 9 رنز ٺاهي عبيد شاهه جي بال تي حسيب الله هٿان ڪيچ ٿيو، ريضا هينڊرڪس به 10 رنز ٺاهي عبيد شاهه جي بال تي عبدالله شفيق هٿان ڪيچ ٿيو۽ سلمان علي آغا 15 بالن تي 14 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي عبدالله شفيق هٿان ڪيچ ٿيو، 69 تي ڪراچي جا 3 آئوٽ هئا. جنهن بعد ڊيوڊ وارنر جو ساٿڏيڻ معين علي آيو ۽ ٻنهي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 100 کان پار ڪرايو. معين علي 17 بالن تي 39 رنز ٺاهي عبيد شاهه جي بال تي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ٿيو.هن 4 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو. 127 تي 4 آئوٽ ٿيا. اعظم خان آيو جنهن پهرين ئي بال تي شاٽ هنيو ته ڊينيل سيمز ڪيچ ڊراپ ڪيو ۽ اعظم کي چانس مليو. اڳ ۾ وارنر جو ڪيچ به حسيب الله کان ڊراپ ٿيو هو. اعظم خان 8 بالن تي 14 رنز ٺاهي ڊينئل سيمز جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد ڊيوڊ وارنر ففٽي مڪمل ڪئي. خوشدل وارنر جو ساٿ ڏيڻ آيو.خوشدل زبردست شاٽ کيڏيا ۽ ڪراچي جي فتح جي اميد پيدا ڪئي، هن شاهين جي آخري اوور ۾ 23 رنز حاصل ڪيا. آخري ٻن اوورن ۾ 11 رنز گهربل هيون. 19 هين اوور ۾ خوشدل حارث رئوف کي 2 ڇڪا هڻي 5 وڪيٽن تان ڪراچي کي ڪاميابي ڏياري، هن 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 44 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو، وارنر هڪ ڇڪي ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 63 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪراچي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنز ٺاهيون.  ان کان اڳ ’ڪريو يا مرو‘ واري هن ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. محمد فاروق 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 15 بالن تي 18 رنز ٺاهي معين علي جي اوور ۾ ڊيوڊ وارنر جي ڊائريڪٽ ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. 24 تي لاهور جي  وڪيٽ ڪري. پاور پلي ۾57 رنز ٺهيون. فخرالزمان 28 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي پر ان کان اڳ ۾ زاهد محمود جي بال تي جيسن راءِ فخر جو ڪيچ ڊراپ ڪيو هو. فخرالزمان 14 هين اوور ۾ 60 رنز ٺاهي معين علي جي بال تي جيسن راءِ هٿان ڪيچ ٿيو. چيرٿ اسلانڪا زيرو تي معين علي جي بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ٿيو، 17 هين اوور ۾ عبدالله شفيق کي رضوان الله بولڊ ڪيو، هن 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 62 رنز ٺاهيون. جنهن بعد سڪندر رضا ۽ ڊينئل سيمز اسڪور اڳتي وڌايو. سيمز 9 بالن تي 20 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ڪراچي جي محمد حمزه سهيل 4 اوورن ۾ 49 رنز ڏنيون ۽ کيس وڪيٽ به نه ملي. آخري اوور حسن علي ڪرايو ۽ آخري اوور ۾ شاهين کيس چوڪو هڻي آخري بال تي معين علي هٿان ڪيچ ٿيو ۽ 4 بالن تي 10 رن ٺاهي شاهين آئوٽ ٿيو، لاهور جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنز ٺاهي سگهي.

تبصرے بند ہیں۔