آمريڪي اي آءِ تحقيق جي چوري بابت واشنگٽن جا خدشا

واشنگٽن: وائيٽ هائوس چيو آهي ته هو آمريڪي مصنوعي ذهانت (اے آئی ) ڪمپنين سان وڌيڪ ويجهو سهڪار ڪندو ته جيئن پرڏيهي ڌرين طرفان ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين کي چوري ڪرڻ لاءِ هلندڙ “صنعتي سطح جي مهمن” جو مقابلو ڪري سگهجي۔ بي بي سي جي رپورٽ موجب مائيڪل ڪريٽسيوس Michael Kratsios، جيڪو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پاليسي جو ڊائريڪٽر آهي، هڪ اندروني يادداشت ۾ لکيو ته حڪومت وٽ نئين ڄاڻ آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته “پرڏيهي ادارا، خاص طور تي چين ۾ موجود، آمريڪي ڪمپنين جو فائدو وٺي رهيا آهن.”
هن چيو ته “ڊسٽلنگ” نالي عمل ذريعي اهڙيون ڪمپنيون بنيادي طور آمريڪي ڪمپنين پاران تيار ڪيل AI ٽيڪنالاجي جو نقل ڪري رهيون آهن۔
واشنگٽن ڊي سي ۾ چين جي سفارتخاني جي هڪ نمائندي چيو ته سندن ترقي “پنهنجي محنت، ڪوششن ۽ عالمي سهڪار جو نتيجو آهي.”
ڪرٽسيوس چيو ته ان جو مقصد “منظم طريقي سان آمريڪي تحقيق ۽ ترقي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪيت واري ڄاڻ تائين رسائي حاصل ڪرڻ” آهي۔
هن چيو ته “خراب ارادن واري استحصال” کي روڪڻ لاءِ وائيٽ هائوس چار اهم قدم کڻندو: آمريڪي AI ڪمپنين سان وڌيڪ معلومات شيئر ڪرڻ ته جيئن “استعمال ٿيندڙ طريقن ۽ شامل ڌرين” بابت ڄاڻ ملي، ڪمپنين سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ ته جيئن اهڙن حملن جو مقابلو ڪري سگهجي، “بهترين طريقن” جو هڪ سيٽ تيار ڪرڻ ته جيئن انهن کي سڃاڻڻ، گهٽائڻ ۽ درست ڪرڻ ممڪن ٿئي ۽اهو به ڏسڻ ته پرڏيهي ڌرين کي ڪيئن ذميوار بڻائي سگهجي ٿو.
يادداشت ۾ اهڙين پرڏيهي ڌرين خلاف ڪا خاص ڪارروائي جو تفصيل نه ڏنو ويو آهي۔ وائيٽ هائوس جي ترجمان ياداشت بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔
چين جي سفارتخاني جي نمائندي آمريڪا طرفان “چيني ڪمپنين جي بنا جواز دٻاءُ” تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته “چين نه رڳو دنيا جو ڪارخانو آهي پر هاڻي جدت جو مرڪز به بڻجي رهيو آهي.”
ڊسٽلنگ مهمون عام طور تي اهڙيون ڪمپنيون هلائين ٿيون جيڪي هزارين اڪائونٽس استعمال ڪن ٿيون، جنهن سان اهي عام استعمال ڪندڙن وانگر لڳن ٿيون۔ پوءِ اهي گڏيل ڪوششن سان AI ماڊلز مان اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جيڪا عام طور ظاهر نه ڪئي ويندي آهي، ۽ ان کي پنهنجي ماڊلز جي تياري ۽ تربيت لاءِ استعمال ڪن ٿيون۔
ڪرٽسيوس چيو ته جيئن جيئن اهڙين مهمن کي سڃاڻڻ جا طريقا بهتر ٿيندا، “اهڙين ڪمزور بنيادن تي AI ٺاهيندڙ پرڏيهي ڌرين کي پنهنجن ماڊلز جي اعتبار تي گهٽ اعتماد رهندو.”
جيتوڻيڪ هن ڪنهن خاص اداري جو نالو نه ورتو، پراوپن اي آءِ ۽ اينٿروپڪ ۽ ٻين ڪمپنين چيو آهي ته اهي اهڙين سرگرمين کي منهن ڏئي رهيون آهن۔
هن سال جي شروعات ۾ Anthropic چيو ته DeepSeek، Moonshot ۽ MiniMax ڊسٽلنگ ذريعي سندن ماڊلز جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ۽ اهي ٽئي چيني ڪمپنيون آهن۔
OpenAI پڻ DeepSeek تي ٽيڪنالاجي نقل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي۔
DeepSeek گذريل سال جاري ڪيو ويو هو ۽ جلدي مقبول AI ماڊلز ۽ چيٽ بوٽس مان هڪ بڻجي ويو۔ ڪمپني چيو هو ته ان کي ٺاهڻ جو خرچ صرف چند ملين ڊالر هو، جيڪو ٻين ڪمپنين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي جيڪي اربين ڊالر خرچ ڪري رهيون آهن۔
گذريل مهيني ڊيپ سيڪ چيٽ بوٽ کي وڏي فني خرابي پيش آئي، ۽ اميد آهي ته جلد ئي ان جو نئون ورزن جاري ڪيو ويندو۔
آمريڪي صدر جي، مئي جي وچ ڌاري چين جو دورو ڪرڻ جي اميد آهي۔ ان کان اڳ اهڙيون خبرون سامهون اچڻ جو هڪ مقصد چين تي دٻاءُ وجهڻ به ٿي سگهي ٿو.

تبصرے بند ہیں۔