اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ جمعي کان 5 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ هن مند جي پهرين گرمي جي لهر بابت خبردار ڪيو آهي. ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي پد ۾ اضافو ٿيندو.
اينڊي ايم اي پنهنجي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (NEOC) ذريعي سڄي ملڪ لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي. جڏهن ته 24 کان 29 اپريل جي وچ ۾ ڪجهه علائقن ۾ مينهن، تيز هوائون، آنڌي ۽ طوفانن جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي۔ اين ڊي ايم اي اختيارين ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو تياريون ڪن ۽ احتياطي قدم کڻن۔
اين ڊي ايم اي چيو ته موجوده موسم جو نمونو ان جي اڳ ۾ جاري ڪيل موسمي جائزي سان مطابقت رکي ٿو، ۽ اپريل کان جون تائين واري عرصي بابت تفصيلي جائزو اڳ ئي شيئر ڪيو ويو آهي۔
صلاح موجب سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ شديد گرمي جي لهر جو امڪان آهي۔ وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي،حيدرآباد،سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، بهاولپور، رحيم يار خان، ملتان ۽ تربت ۾ سخت گرمي برقرار رهڻ جو امڪان آهي۔
ان سان گڏ مرڪزي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه علائقن ۾ به گرمي پد ۾ تيزي سان واڌ ٿي سگهي ٿي۔ ساڳئي وقت 24، 25 ۽ 29 اپريل تي پنجاب جي مٿين ۽ مرڪزي ضلعن ۾ مٽيءَ جا طوفان، تيز هوائون ۽ مينهن پوڻ جو امڪان آهي. راولپنڊي، اسلام آباد، مري، اٽڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، سرگتوڌا، گجرات، گجرانوالا، فيصل آباد، لاهور، ڊيره غازي خان ۽ ملتان ۾ برسات ٿيڻ جو امڪان آهي۔
بلوچستان ۾ ڪوئٽا، زيارت، قلات ۽ خضدار ضلعن ۾ 24–25 ۽ 27–29 اپريل دوران تيز هوائن سان گڏ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي آهي، جڏهن ته ساحلي علائقا جهڙوڪ گوادر وغيره گرم ۽ سڪل رهندا ۽ گرمي آهستي آهستي وڌندي۔
سنڌ مجموعي طور گرم ۽ سڪل رهندي، جڏهن تهحيدرآباد،بدين ۽ مٺي، 24 اپريل تي هلڪي برسات ۽ تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون۔
خيبر پختونخوا ۾ چترال. دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، صوابي،مانسهره، ايبٽ آباد، چارسده، نوشهرو، مردان، پشاور،ڪوهات ۽ ڪرم به 24–25 ۽ 27–29 اپريل دوران وقفي وقفي سان مينهن ۽ تيز هوائون ٿي سگهن ٿيون۔
گلگت-بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 24 کان 29 اپريل تائين وقفي وقفي سان گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي۔
اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته گرمي جي لهر سبب هيٽ اسٽروڪ، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين صحت جي مسئلن جو خطرو وڌي سگهي ٿو۔ شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته سڌي سج ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن، گهڻو پاڻي پيئن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن۔
اداري لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو گرمي جي لهر بابت ردِعمل منصوبا فعال ڪن، ٿڌڪ مرڪز قائم ڪن ۽ اسپتالن کي الرٽ رکن۔
صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ خبردار رهن۔
اين ڊي ايم اي عوام کي وڌيڪ چيو آهي ته هو ان جي سرڪاري موبائل ايپ “Pak NDMA Disaster Alert” ذريعي تازه ترين معلومات ۽ هدايتون حاصل ڪندا رهن۔
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔