لنڊن: برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهين کي مڪمل طور تي ناڪام ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير انهي سفارتي عمل ۾ هڪ اهم ۽ غير روايتي ڪردار جي طور تي سامهون آيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطه ڪاري کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اخبار موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون هن وقت نازڪ مرحلي ۾ آهن، جتي گڏيل ڀروسي جي کوٽ، اقتصادي پابنديون ۽ تازو هلندڙ فوجي ڇڪتاڻ اهم رنڊڪون بڻيل آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اهڙين مشڪلاتن جي باوجود ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ رابطي جي پل بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ڳالهين جي عمل کي جاري رکي سگهجي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪري سگهجي.
تجزيه ڪارن موجب جيڪڏهن اهي ڪوششون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته نه صرف خطي ۾ استحڪام ايندو پر عالمي سطح تي به ڇڪٽاڻ ۾ گهٽتائي جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.
تبصرے بند ہیں۔