لاهور: لاهوري جي اچهره واري علائقي ۾ شاهه جمال ماشاءُالله پلازه جي هڪ گهر مان 3 ٻارن جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، پوليس تڪراري بيان تي والدين ۽ چاچي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب 15 تي اطلاع ملي ته ٻن ٻارڙين ۽ هڪ ٻار جي لاش مليا آهن، ٻارن کي ڳلا ڪپي قتل ڪيو ويو، شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
اچهره پوليس موجب ٻارن جي والد رمضان ۽ والده ردا کي تڪراري بيانن تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي کان جاچ جاري آهي، رمضان ۽ ردا جي 9 سال اڳ شادي ٿي هئي.
ريسڪيو 1122 موجب شاهه جمال ماشاءَالله پلازه مان 3 ٻارن جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ اچڻ جو فون آيو جنهن تي اهلڪار ايمرجنسي گاڏين سان گڏ حادثي واري جاءِ تي پهتا، فون ڪندڙ موجب پلازه ۾ 3 ٻارن جا لاش پيل آهن ٽنهي ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب 5 ورهين جي مومنه بتول، 4 ورهين جي مومن رضا ۽ ڏيڍ سالن جي ام حبيبه جا لاش پوسٽ مارٽم جي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، پوليس جاچ جي لاءِ چاچي کان علاوه ٻارن جي والد رمضان ۽ والده کي به گرفتار ڪري ورتو. آهي.
ٻارن جي والد رمضان پوليس کي بيان ڏنو ته گهرن کي تالا لڳائي ٻاهر ويس جڏهن واپس آيس ته ٻارن جا لاش موجود هئا، پوليس موجب ٻارن کي اڻڄاتل سببن جي آڌار تي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو، والدين گهر کي تالو لڳائي دوا وٺڻ جي لاءِ ويل هئا، جڏهن ته ٻار گهر ۾ اڪيلا هئا.
ايس پي انويسٽيگيشن ماڊل ٽائون جي سربراهي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن سيد ذيشان رضا موجب فرانزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن. مقتولن جا لاش مرده خاني منتقل ڪيا ويا آهن، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، معصوم ٻارن کي قتل ڪندڙ سمورن جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.
آءِ جي پنجاب عبدالڪريم واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي پنجاب ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور کي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب سينئر آفيسر ۽ فرانزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌ موجود آهن، جڏهن ته شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻينداسين.
تبصرے بند ہیں۔