چاغي: هٿياربندن جي حملي ۾ پرڏيهي سميت نجي ڪمپني جا 10 ملازم مارجي ويا، 5 زخمي

ڪوئٽه:  بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ دالبدين جي ڀرسان واقع علائقي دريگون ۾ گذريل رات دير سان اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ پرڏيهي سميت نجي ڪمپني جا 10 ملازم مارجي ويا جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب حملو دالبدين کان اتر مغرب طرف پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان پيش آيو جتي اين آر ايل ڪمپني ٽامو ۽ سون جي ڳولا واري منصوبي تي ڪم ڪري رهي هئي. هٿياربندن  اوچتو حملو ڪيو جنهن جي دوران فائرنگ سان گڏوگڏ تيل جي ذخيري کي به باهه ڏني وئي، اسپتال ذريعن موجب دالبدين جي پرنس فهد اسپتال ۾ هينئر تائين 10 لاش منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 5 زخمي علاج هيٺ آهن.

مارجي ويلن ۾ هڪ پرڏيهي  به شامل آهي جنهن جو تعلق ترڪي سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ٻن مقامي حفاظتي اهلڪارن جو تعلق دالبدين سان آهي. ٻين ماڻهن جو تعلق ملڪ جي مختلف علائقن سان ٻڌايو ويو آهي. ذريعن موجب باهه لڳڻ سبب 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ٿيا، جڏهن ته 4 ڄڻا فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويا. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري اختيارين حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي آپريشن مڪمل ٿيڻ تائين وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويندا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي جڏهن ته سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

 

 

 

تبصرے بند ہیں۔