اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پهلگام واقعي کي هڪ سال گذرڻ باوجود به ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي جيڪو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته پهلگام واقعو فالس فليگ آپريشن هو. جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪندو ته ان کي فيصلاڪن جواب ڏنو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته اڄ پهلگام فليگ آپريشن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي. صرف 10 منٽن جي اندر ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو متن پهريان کان تيار ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو.
هن چيو ته پهلگام واقعو هڪ اهڙي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪا بي بنياد، غير منطقي، ڪوڙي انا، غرور ۽ لالچ تي ٻڌل آهي. ڀارت پهلگام فالس فليگ آپريشن بابت اٿيل سوالن جا تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو آهي. واقعي جي ايف آءِ آر صرف 10 منٽن ۾ داخل ڪئي وئي، جيڪا اڳواٽ تياري جو ثبوت لڳي ٿي. دهشتگردي کي ڀارت اڪثر پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏئي ٿو پر پوءِ ان کي ٻاهرين مسئلي طور پيش ڪري ٿو، جڏهن ته ڪشمير هڪ تسليم ٿيل عالمي مسئلو آهي.
ڀارت جي بي بنياد سوچ ۽ چالاڪي هاڻي دنيا جي سامهون اچي چڪي آهي. عالمي ميڊيا، ڀارتي سول سوسائٽي، سياستدانن ۽ ٿنڪ ٽينڪس به پهلگام واقعي تي سنجيده سوال اٿاريا آهن. ڀارت هميشه اهڙن واقعن ۾ غير شفاف ۽ فالس فليگ طرز جا طريقا اختيار ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاد ۽ غير جانبدار تحقيق جي پيشڪش ڪئي هئي.
هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي بنيادي حق نٿا ڏنا وڃن ۽ انهن سان ظلم ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا وٽ ڪو به مضبوط ثبوت موجود نه هو ۽ اهو رڳو ڪوڙو پروپيگنڊا هلائيندو رهيو. پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪندو.
پاڪستان دهشتگردي جي چئلينجن جو ڀرپور مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ پوري قوم ان عزم تي متفق آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. ڀارت ۾ هندوتوا نظريئي سان اقليتن جا حق به ختم ڪيا پيا وڃن، مختلف ملڪن ۾ سک اڳواڻن جي قتل جون شاهديون ڀارتي رياست جي ملوث هجڻ جون نشاندهيون ڪن ٿيون. ڀارت عالمي سطح تي دهشتگردي جهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، فتنته الهندستان، بي ايل اي ۽ فتنته الخوارج ٽي ٽي پي جي ذريعي پاڪستان ۾ بدامني کي هٿي ڏني پئي وڃي. پاڪستان وٽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جون نه مٽائڻ جوڳيون شاهديون آهن. جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار واقعي سميت دهشتگردي جي ٻين واقعن ۾ ڀارتي ڪردار جون شاهديون موجود آهن. شاهدين جو مختلف وقتن تي عالمي برادري ۽ عالمي ميڊيا جي آڏو به پيش ڪيو ويو آهي.
اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت جي رياستي پاليسي دهشتگردي تي ٻڌل آهي. ڪلبهوشن ياديو جي گرفتاري کان پوءِ ڀارت جي دهشتگردي تي ٻڌل پاليسي بي نقاب ٿي چڪي آهي انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڀارت پاران پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن خلاف پاڪستان دهشتگردي جي چيلنجز جو مقابلو ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير اهو به چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف نه صرف پرعزم آهي پر عملي طور تي قدم جاري رکندو پيو اچي. پاڪستان پنهنجي خودمختاري، وقار ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ضروري قدم جاري رکيو ويندو. دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪامياب ڪارروائين ۽ قربانين کي دنيا ڏسي رهي آهي. پوري قوم انهي ڳالهه تي متفق آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪئي ته انهي کي سختي سان جواب ڏنو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔