اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان اسلامي جمهوري ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس جاري آهي جنهن ۾ سينئر وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڳالهين جي ٻئي دور کي يقيني بنائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو به جائزو ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قيادت اڄ به ايراني قيادت سان رابطي جاري رکندي. جڏهن ته پاڪستان آمريڪي صدر طرفان جنگبندي ۾ واڌ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔