وزيراعظم شهباز شريف جنگبندي ۾ واڌ جي درخواست قبول ڪرڻ تي صدر ٽرمپ جو ٿورو ادا ڪيو

اسلام آباد:   وزيراعظم شهباز شريف جنگبندي ۾ واڌ جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگبندي ۾ ُاڌ جي درخواست قبول ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو.

وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنگبندي ۾ واڌ هڪ مثبت ۽ اهم قدم آهي جيڪو جاري سفارتي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته اهو قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهين جي عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.

جنگبندي ۾ واڌ ۽ ايران تي حملا ملتوي ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان به صدر ٽرمپ جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان تڪرار کي پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ  جي لاءِ پنهنجون سنجيده ڪوششون جاري رکندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون جنگبندي جو مڪمل احترام ڪنديون.

هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هڪ جامع امن معاهدي تائين پهچڻ جي اميد آهي جيڪا خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف ڌرين تي زور ڏنو ته اهي مستقل ۽ دير تائين امن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جي عمل کي جاري رکن. هن انهي ارادي جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکندو.

وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين کي خطي ۾ ڇڪتاڻ جي مستقل خاتمي طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو عمل مثبت نتيجن جو سبب بڻجندو.

 

تبصرے بند ہیں۔