تهران: عرب سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ سبب سامونڊي سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي، جتي آبنائز هرمز جي ڀرسان ٻن مختلف بحري جهازن تي فائرنگ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
ميري ٽائم ذريعن موجب هڪ جهاز اطلاع ڏني ته انهي تي ايران جي سمنڊ ڪناري کان تقريبن 15 ڪلو ميٽر پري مغرب ۾ فائرنگ ڪئي وئي پر خوشقسمتي سان سمورو عملو محفوظ رهيو، ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
انهي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ ٻئي ڪارگو جهاز تي عمان جي ڀرسان 29 ڪلو ميٽر اتر اوڀر ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جي برج، ڪنٽرول روم کي سخت نقصان پهتو. ذريعن موجب متاثر جهاز ايم ايس سي فرانسسڪا، دمام کان سينگاپور وڃي رهيو هو.
ايران جون سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي تسنيم موجب اها ڪارروائي سامونڊي قانون لاڳو ڪرڻ جي تحت ڪئي وئي ڇو ته لاڳاپيل جهازن طرفان جاري ڪيل وارننگز کي نظر انداز ڪيو ويو. ٻئي طرف عرب ملڪن اهڙن واقعن تي جو ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عرب رياستون مسلسل جنگبندي، آمريڪي بحري ناڪه بندي جي خاتمي ۽ آبنائي هرمز کي کولڻ تي زور ڏئي رهيون آهن.
تجزيو ڪندڙن موجب آبنائي هرمز عالمي واپار ۽ تيل جي ورهاست لاءِ نهايت اهم گذر گاهه آهي، جتي ڪنهن به قسم ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي سڌو سنئون اثر وجهي سگهي ٿي. خطي ۾ جاري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن کي به اهم قرار ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽ ڪري ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪري سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔