اسلام آباد: سفارتي ۽ دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جيستائين آبنائي هرمز جي بندش ختم نٿو ڪري انهي وقت تائين ڳالهين جو ٻيو رائونڊ مشڪل لڳي رهيو آهي.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل صدر ۽ صدر يو اين سيڪيورٽي ڪونسل منير اڪرم چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جي نسبت سيز فائر جو وڌيڪ امڪان موجود آهي.
هوڏانهن ايران ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير آصف دراني ۽ دفاعي تجزيه ڪار ميجر جنرل رٽائرڊ زاهد محمود چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن ۾ اسنائيڊر ٽريڊنگ جو امڪان پڻ موجود آهي.
سفارتي ۽ دفاعي ماهرن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جيستائين آبنائي هرمز جي بندش ختم نٿو ڪري انهي وقت تائين ڳالهين جو ٻيو رائونڊ مشڪل لڳي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔