راولپنڊي: بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارتي سرپرستي ۾ فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ خارجي ونگ جو اڳواڻ وحيدالله عرف مختيار ۽ هڪ آپگهاتي بمبار شامل آهي، جنهن مان خودڪش جيڪٽ، هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب مارجي ويل خارجي رنگ اڳواڻ وحيدالله سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن، معصوم شهرين تي حملن سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ ملوث ۽ انتهائي گهربل هو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته وحيدالله 21 فيبروري 2026 تي بنون ۾ ثيل آپگهاتي حملي جو به مرڪزي سهولتڪار هو جنهن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل گل فراز شهيد ٿي ويو هو.
آءِ ايس پي آر موجب انهي ڪامياب ڪارروائي سان نه صرف وڏي دهشتگرد نيٽ ورڪ کي نقصان پهتو پر وقت تي هڪ وڏي تباهي به ٽري وئي، سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔