تهران : ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني صدر مسعود پيشڪشيان سان ملاقات ڪئي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران ۽ آمريڪا کي معاهدي تي پهچڻ لاءِ قائل ڪرڻ لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايراني صدر سان ملاقات کي تمام اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ان کان اڳ، فيلڊ مارشل عاصم منير خميس ڏينهن تهران ۾ هڪ مصروف ڏينهن گذاريو.فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان تهران ۾ هڪ تمام اهم ملاقات ڪئي. باقر قاليباف کي ايراني حڪومت ۾ هڪ تمام بااثر شخصيت سمجهيو ويندو آهي ۽ هن ايراني وفد جي اسلام آباد ۾ به اڳواڻي ڪئي هئي. فيلڊ مارشل عاصم منير ڪالهه ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان پڻ ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل جو تهران جو دورو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ثالثي جي ڪوششن جو حصو آهي، گهرو وزير محسن نقوي پڻ فيلڊ مارشل سان گڏ آهي.ايراني ميڊيا موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ڪمانڊر خاتم الانبياء سان به ملاقات ڪئي آهي.ٻئي طرف، آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران سان ڪو معاهدو ڪري ٿو ته هو پاڪستان ايندو.
تبصرے بند ہیں۔