فضا علي جي پنهنجي اخلاقيات ڪٿي آهي؟ انهي جو ريٽنگ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو پراڻو شوق آهي: عظميٰ بخاري

لاهور:  پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري اداڪاره فضا علي جي وائرل وڊيو تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اداڪاره جو ريٽنگ حاصل ڪرڻ جو اهو پراڻو شوق آهي.

هڪ انٽرويو ۾ ميزبان عظميٰ بخاري کان فضا علي جي وائرل وڊيو تي سوال ڪيو جنهن تي هن چيو ته اهو عمل افسوسناڪ آهي، پيمرا کي ته ڏسڻ گهرجي ۽ مون کي لڳي ٿو ته پيمرا انهي کي ضرور ڏسندو، پر فضا علي جي پنهنجي اخلاقيات ڪٿي آهي؟

عظميٰ بخاري چيو ته اداڪاره جي 8 کان 10 سالن جي ڌيءَ به آهي، هن انهي کي به پاڻ سان گڏ ويهاريو هو، ان باوجود ڪيمرا جي سامهون اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهي هئي،  ذاتي زندگي به ڪنهن شيءَ جو نالو آهي.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته مڃون ٿا ته اوهان خوش آهيو، رب پاڪ اوهان کي وڌيڪ خوش رکي، سٺي زندگي گذاريو پر انهي جو اهو مطلب ته نه آهي ته اوهان سرعام اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيو ۽ پوءِ انهي کي ٽي وي تي به نشر ڪيو پيو وڃي. انهي کي ٽي وي تي هلڻ کان روڪي به سگهجو ٿي. هن چيو ته فضا بي بي جو ريٽنگ حاصل ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو هڪ پراڻو شوق آهي، هو هاڻ پنهنجو شوق پورو ڪري رهي آهي، پر اهو  سڀ ڪجهه ڏسي تمام گهڻي تڪليف پهتي.

ياد رهي ته تازو ئي فضا علي پنهنجي مارننگ شو ۾ مڙس اعجاز خان کي بطور مهمان طور گهرايو هو جتي هن پنهنجي ملاقات ۽ محبت جي ڪهاڻي ٻڌائي. پروگرام ۾ فضا علي جي ڌيءَ فرال به شريڪ ٿي جنهن والد کان لائيو شو ۾ والده کي ڪلهي تي کڻڻ جي فرمائش ڪئي. انهي کان پوءِ اعجاز خان فضا علي کي پنهنجي ڪلهي تي ويهاريو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي جنهن کان پوءِ صارفين طرفان انهي تي سخت تنقيد ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔