اسلام آباد: پاڪ بحريه اتر عرب سمنڊ ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.
پاڪ بحريه جي جهاز مان فائر ڪيل برق رفتار ميزائل ڊگهي فاصلي تائين موجود حدف کي انتهائي درستگي سان نشانو بنايو. نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سميت منصوبي سان جڙيل سائنسدانن ۽ انجنيئرز ميزائل فائرنگ جو مشاهدو ڪيو.
ميزائل جديد ترين گائيڊنس سسٽم ۽ ٻيون خصوصيتون رکي ٿو. ميزائل ڊشمن جي دفاعي نظام کان بچڻ ۽ انتهائي درستگي سان پنهنجي حدف کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪ بحريه جي ٽيڪنيڪي برتري ۽ عملي مهارت جي عڪاسي آهي.
صدر پاڪستان، وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ سروسز چيفد ڪامياب ميزائل تجربي ۾ حصو وٺندڙ يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني.
تبصرے بند ہیں۔