واشنگٽن: برطانوي اخبار فنانشنل ٽائمز موجب ايران چيني جاسوس سيٽلائيٽ جي ذريعي وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بنايو.
برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2024 جي آخر ۾ اهو چيني سيٽلائيٽ پاسداران انقلاب گارڊز جي ايرو اسپيس فورس حاصل ڪيو هو. سيٽلائيٽ چين مان خلا ۾ اماڻڻ کان پوءِ ايران جي حوالي ڪيو ويو.
رپورٽ موجب ايراني فوجي ڪمانڊر انهي سيٽلائيٽ کي اهم آمريڪي فوجي ٺڪاڻن جي نگراني لاءِ استعمال ڪيو. سيٽلائيٽ جون تصويرون مارچ ۾ اهڙن هنڌن تي ڊرون ۽ ميزائل حملن کان اڳ ۽ بعد ۾ حاصل ڪيون ويون. فنانشنل ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سيٽلائيٽ سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئربيس جي 13، 14 ۽ 15 مارچ تي تصويرون ورتيون، 14 مارچ تي آمريڪي صدر ٽرمپ به تصديق ڪئي هئي ته انهي اڏي تي آمريڪي جهازن کي نشانو بنايو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيٽلائيٽ اردن جي موافق السانتي ايئربيس، بحرين ۾ آمريڪي ففٿ فليٽ جي ڀرسان هنڌ، عراق جي اربيل ايئرپورٽ، ڪويت جي ڪيمپ بيوبرنگ ۽ علي السالم ايئربيس، جبوتي ۾ ڪيمپ ليمونئير ۽ عمان جي دقم ايئرپورٽ سميت ٻين ڪيترن ئي ٺڪاڻن جي نگراني ڪئي.
عرب ملڪن جي سويلين انفرا اسٽرڪچر جهڙي متحده عرب امارات جي خوفڪن بندرگاهه، قيده، پاور ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ ۽ بحرين جي البا ايلومينيم فيڪٽري کي به مانيٽر ڪيو ويو. برطانوي اخبار موجب سيٽلائيٽ جي هاءِ ريزولوشن تقريبن اڌ ميٽر صلاحيت ايران کي حدف جي صحيح سڃاڻپ ۽ حملن جي موثر منصوبه بندي ۾ مدد ڏيندي آهي.
ايران جو اڳ وارو سيٽلائيٽ نور 3 تقريبن 5 ڪلو ميٽر ريزولوشن تائين محدود هو جيڪو ايتري تفصيل فراهم نٿي ڪري سگهيو. ايران انهي سيٽلائيٽ سسٽم جي ڪنٽرول لاءِ 36.6 ملين ڊالر ادا ڪيا. معاهدي ۾ سيٽلائيٽ، لانچنگ، ٽيڪنيڪي مدد ۽ ڊيٽا انفرااسٽرڪچر جا تفصيل شامل آهن.
چيني ڪمپنين Earth Eye Co ۽ Emposat سيٽلائيٽ ۽ گرائونڊ نيٽ ورڪ فراهم ڪيو جنهن سان عالمي سطح تي ڪنٽرول ممڪن بڻجي سگهيو. هوڏانهن چين اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسابن اهڙي غير مصدقه ڄاڻ پکيڙڻ جي الزامن جي مخالفت ڪريون ٿا ۽ هميشه امن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندا آهيون.
تبصرے بند ہیں۔