اسلام آباد: پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻن پاڪستاني عهديدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته پاڪستان سيز فائر جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ڳالهيون اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
رپورٽ موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو مرحلو خميس تي شروع ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته آمريڪي عهديدار به امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڌريون معاهدي جي لاءِٻيهر ڳالهين تي غور ڪري رهيون آهن.
ٻئي طرف آمريڪي ٽي وي سي اين اين موجب آمريڪا ۽ ايران جون ڳالهيون اڃان به جاري آهن. هڪ آمريڪي عهديدار جي حوالي سان آمريڪي خابرو اداري ٻڌايو ته معاهدي تائين پهچڻ جي لاءِ اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو 11 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو ٻنهي ملڪن جي وفدن جي وچ ۾ تقريبن 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون هلنديون رهيون پر ڳالهيون ڪنهن به ڊيل تي پهچڻ کان سواءِ ئي ختم ٿي ويون. انهي حوالي سان آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ايران سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي اسان پنهنجون تجويزون ايران جي سامهون رکي ڇڏيون آهن هاڻ بال ايران جي ڪورٽ ۾ آهي.
ٻئي طرف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ايران منصفاڻي معاهدي جي لاءِ تيار آهي جڏهن ته روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لائوروف چيو ته نئين جنگ کي روڪڻ ضروري آهي، جنگ ٻيهر شروع نه ٿيڻ گهرجي، انهي بحران جو ڪوبه فوجي حل نه آهي، روس هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي.
تبصرے بند ہیں۔