آبنائي هرمز مان گذرندڙ هر جهاز کي نئين ڪنٽرول نظام جي تحت ٽول ڏيڻو پوندو: ايران

تهران: ايراني تيل بابت نائب وزير محمد صادق عظيمفر چيو آهي ته آمريڪا، اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل آئل ريفائننگ صلاحيت 2 مهينن تائين 70 کان 80 سيڪڙو تائين بحال ٿيڻ جي اميد آهي.

ايراني ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي محمد صادق عظيمفر چيو ته اميد آهي ته لاوان ريفائني جو ڪجهه حصو تقريبن 10 ڏينهن ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيندو جڏهن ته حملن ۾ تباهه ٿيل آئل ريفائننگ صلاحيت 2 مهينن تائين 70 کان 80 سيڪڙو تائين بحال ٿيڻ جي اميد آهي.

ٻئي طرف روسي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ايراني پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ هر جهاز کي نئين ڪنٽرول نظام جي تحت ٽول ڏيڻو پوندو.

ابراهيم عزيزي وڌيڪ چيو ته حڪومت قومي مفادن جي تحت آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ۽ مينجيمنٽ قائم ڪندي، اسان آمريڪين تي اعتماد نٿا ڪري سگهون.

 

تبصرے بند ہیں۔