لاهور: ڪرسچن ميرج ايڪٽ ۾ 153 سالن کان پوءِ بنيادي تبديلين جي لاءِ بل تيار ڪري ورتو. بل اقليتي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيلبوس ڪرسٽوفر طرفان جمع ڪرايو ويو.
بل ۾ شادي جي لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي جو مسيحي هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته موجوده قانون ۾ ڪنهن هڪ ڌر جو مسيحي هجڻ ڪافي قرار ڏنو ويو هو.
بل ۾ شادي لاءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي انهي کان اڳ قانون ۾ ڇوڪري جي عمر 16 ۽ ڇوڪريءَ جي عمر 13 سال مقرر هئي.
بل موجب مسيحي شادين جي رجسٽريشن يونين ڪونسل ۽ نادرا جي رڪارڊ ۾ لازمي شامل ڪرڻ ۽ رجسٽرڊ گرجا گهرن کي مسيحي طريقيڪار موجب نڪاح پڙهائڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
انهي کان علاوه موجوده بل ۾ نڪاح جي تقريب جي وقت ۽ ڏينهن تي لڳايل پابنديون به ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ڇو ته موجوده قانون جي تحت شام 6 وڳي کان پوءِ نڪاح جي اجازت نه هئي.
تبصرے بند ہیں۔