ڪراچي: وڏي وزير جي صدارت هيٺ گل پلازه باهه بابت جوڊيشل ڪميشن جي جاچ رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس منعقد

ڪراچي:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ گل پلازا باھ بابت جوڊيشل ڪميشن جي جاچ رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس. اجلاس ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن، ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا۔

اجلاس دوران وزيراعليٰ سنڌ کي بريفنگ ڏني وئي ته گل پلازا ۾ 17 جنوري 2026 تي لڳل باهه وقت عمارت اندر فائر فائٽنگ سسٽم، الارم سسٽم ۽ محفوظ نڪرڻ جا مناسب انتظام موجود نه هئا، عمارت ٻاهران رش ۽ جاري تعميراتي ڪم سبب ريسڪيو آپريشن پڻ متاثر ٿيو.

سيد مراد علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي جاچ ۽ محنت کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سڀني ڪمرشل عمارتن لاءِ فائر سيفٽي آڊٽ لازمي قرار ڏنو وڃي، عمارتن ۾ قائم تجاوزات ختم ڪيون وڃن ۽ ايمرجنسي رسائي کي بهتر بڻايو وڃي۔ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، تنهن ڪري حفاظتي قانونن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ۽ جيڪڏهن وڌيڪ قانونسازي جي ضرورت هجي ته ان جو مسودو تيار ڪيو وڃي۔ مراد علي شاهه

اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ ٽن وزيرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪميٽي ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو شامل آهن. جيڪي رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺي جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندا۔

 

تبصرے بند ہیں۔