اسرائيلي قدم خطي ۾ جاري امن ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن: پاڪستان

اسلام آباد:  پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي حملن سان ڳري نقصان ۽ انفراسٽڪچر جي تباهي جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستان لبناني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، مشڪل جي هن گهڙي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته اسرائيلي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ئي نه پر خطي ۾ جاري امن ڪوششن کي به نقصان پهچائي رهيا آهن، پاڪستان لبناني آزادي، علاقائي خودمختاري ۽ امن، استحڪام جي مڪمل حمايت جو به ارادو ڪيو آهي.

انهي کان علاوه پاڪستان ۽ سعودي عرب لبنان ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ سعودي پرڏيهي وزيرن دير تائين امن، استحڪام لاءِ جنگبندي جو مڪمل احترام تمام گهڻو ضروري قرار ڏنو آهي. نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دير تائين امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ جنگبندي جي مڪمل احترام کي لاڳو ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. اسحاق ڊار پائيدار امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ سعودي عرب جي مسلسل حمايت جي تعريف ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔