تميم اقبال بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون صدر مقرر

ڍاڪا : بنگلاديش حڪومت اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جو نئون صدر مقرر ڪيو آهي.ڪالهه، حڪومت امين الاسلام جي اڳواڻي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي ٽوڙڻ کان پوءِ تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون صدر مقرر ڪيو.هي فيصلو 5 رڪني جاچ ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪندي ڪيو ويو، جنهن گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿيل بي سي بي جي چونڊن سان لاڳاپيل مختلف الزامن جي جاچ ڪئي هئي.پرڏيهي ميڊيا موجب، 37 سالن جو تميم اقبال بي سي بي جو سڀ کان ننڍو صدر آهي ۽ 11 رڪني ايڊهاڪ ڪميٽي جي اڳواڻي ڪندو، جنهن ۾ بنگلاديش جو اڳوڻو ڪپتان منهاج الاسلام عابدين ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ٽي وي مبصر اطهر علي خان پڻ شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔