جنگبندي: ايران آبنائي هرمز کي سڀني لاءِ 2 هفتن تائين کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تهران:  آمريڪي صدر طرفان جنگبندي جي اعلان کان پوءِ ايران به آبنائي هرمز سڀني لاءِ 2 هفتن لاءِ کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايران جي قومي سلامتي ڪونسل طرفان منظور ڪيل بيان جاري ڪندي چيو ته مان اسلامي جمهوريه ايران طرفان پنهنجي ويجهي دوست ڀاءُ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ٿورائتو آهيان ته هن خطي ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي.

عباس عراقچي چيو ته ايران وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل ۽ 15 نڪتن تي ٻڌل تجويز تي آمريڪا طرفان ڳالهين جي درخواست مڃي ورتي آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ ايران جي 19 نڪتن تي ٻڌل تجويز تي عمومي فريم ورڪ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي بنياد تي مان ايران جي سپريم قومي سلامتي ڪونسل جي حوالي سان چوان ٿو ته جيڪڏهن ايران تي حملا روڪيا ويا ته اسان جي طاقتور فوج به دفاعي ڪارروايون بند ڪري ڇڏيندي.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته ايراني فوج سان رابطي جي صورت ۾ آبنائي هرمز مان ٻن هفتن لاءِ محفوظ رستو ڏنو ويندو پر انهي ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهين جو خاص طور تي خيال رکڻو پوندو.

 

تبصرے بند ہیں۔