جيڪب آباد: اڳوڻو ايم اين اي مير بابل خان جکراڻي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس مڙھ ڪراچي کان اباڻي شھر جيڪب آباد آندو پيو وڃي، جتي سندس اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.
مير بابل خان جکراڻي جو تڏو سندس رھائشگاھ جکراڻي ھائوس تي رکيل آھي جتي ميونسپل ڪميٽي چيئرمين مير غلام عباس جکراڻي سردارزادا شفقت خان جکراڻي مير صابر خان جکراڻي, مير نياز جکراڻي، مير رحمت الله خان کوسو سميت ٻيا شھري موجود آھن.
مير بابل خان جکراڻي 1988 کان 1990 تائين سنڌ اسيمبلي ۽ 1993 کان 1996 تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مير بابل خان جکراڻي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي جو والد ۽ ايم پي اي مير ممتاز جکراڻي جو چاچو آهي.
پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيه مري، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين اڳواڻن مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔