تهران: ايران جي اعليٰ فوجي قيادت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ڌمڪيون وهم تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيون آهن.
ايراني اعليٰ گڏيل فوجي ڪمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ٽرمپ جون ڌمڪيون وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي خواري جو سبب بڻيل آهن جيڪي خطي ۾ آمريڪا جي ناڪامين کي لڪائي نٿيون سگهن.
ايراني فوجي اختيارين موجب آمريڪا طرفان ڏنل ڌمڪين وارا بيان اصل ۾ وچ اوڀر ۾ انهي کي خواري ۽ ذلت کي منهن ڏيڻو آهي جنهن کي اهڙن قسمن جي بيانن سان ختم نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته ڌمڪين ۽ دٻاءُ جي آڏو نه جهڪنداسين.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن به قسم جي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته ايران انهي جو سختي سان جواب ڏيندو جنهن جا نتيجا خطي جي لاءِ سنگين ٿي سگهن ٿا. ايراني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائڻ جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿيندي.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ ڊيل جي لاءِ اڄ رات تائين جي ڊيڊ لائين ڏني آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ايران جي لاءِ اڄوڪي ڊيڊ لائين حتمي آهي، ٽرمپ ڊيل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايران جا پاور پلانٽ ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته ڊيل نه ٿي ته 12 وڳي کان اڳ ايران ۾ سمورن پاور پلانٽن کي تباهه ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔