اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي ملڪ جو روشن مستقبل قرار ڏيندي يوٿ پروگرام جي رفتار وڌائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن شهباز شريف کي يوٿ پروگرام جي تحت جاري مختلف منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ نوجوانن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته نوجوان اسان جي قوم جو روشن مستقبل آهن انهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهن.
شهباز شريف چيو ته حڪومت نوجوانن کي نوڪريون، تعليم، ٽيڪنيڪي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهترين افرادي قوت جي طور تي متعارف ڪرائڻ ۽ انهن جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪوشان آهن.
تبصرے بند ہیں۔