آمريڪي صدر ايران خلاف جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هاڻ شدت سان حملا ڪيا ويندا، تهران کي وارننگ

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي خلاف جاري ڇڪتاڻ ۾ شدت آڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي اهم هوندا، فوجي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪري سگهجن ٿيون.

آمريڪي عوام کي خطاب ۾ هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوج گذريل هڪ مهيني جي دوران ايران جي اهم عسڪري ڍانچي کي  سخت نقصان پهچايو آهي ڪيترن ئي اهم حدفن کي نشانو بنايو ويو آهي. ٽرمپ موجب آپريشن پنهنجا اهم مرحلا طئي ڪري چڪو آهي، هاڻ انهي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

ٽرمپ اهو به چيو ته ايران طرفان امڪاني خطرن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ انهي جي اسٽريٽجڪ ارادن کي ڪافي نقصان پهتو آهي پر هن واضح ڪيو ته مڪمل حدفن کي حاصل ڪرڻ تائين ڪارروايون جاري رهنديون. هن ايران جي توانائي ٺڪاڻن کي به اهم حدف قرار ڏنو.

آمريڪي صدر ايراني حڪومت تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته گذريل ڏهاڪن ۾ عوامي مظاهرن کي طاقت سان چيڀاٽيو ويو پر هن اهڙين دعوائن جي حق ۾ ڪوبه ثبوت پيش نه ڪيو.

خطاب جي دوران هن وچ اوڀر جي اتحادي ملڪن جن ۾ سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات، ڪويت ۽ بحرين شامل آهن جي تحفظ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو. تيل جي عالمي منڊين تي ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيو ته آمريڪا هاڻ توانائي جي شعبي ۾ خود ڪفيل ٿي چڪو آهي اسان هاڻ وچ اوڀر جي تيل تي نٿا ڀاڙيون. آمريڪي صدر موجب خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ڏسڻ لاءِ ملي آهي پر صورتحال جلد معمول تي اچي سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي  جيئن ئي ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي اهم بحري گذر گاهون، خاص طور تي آبنائي هرمز پاڻمرادو بحال ٿي ويندي.

 

تبصرے بند ہیں۔