خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد، 9 اپريل تي لياقت باغ ۾ جلسي جو اعلان

پشاور:  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبي جا حق نه ڏئي رهي آهي، خيبرپختونخواهه کي آئني موجب اين ايف سي فنڊز نه ملي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته صوبي جو وفاق کان 1.375 ارب روپين کان وڌيڪ جو حق بڻجي ٿو جنهن کي مختلف فومز تي ڪيترائي ڀيرا اٿاريو ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته نيشنل پاليسي جي تحت متاثرين کي انهن جو حق نه پيو ڏنو وڃي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي طاقت سان متاثرين کي امداد فراهم ڪئي آهي. ٻوڏ ۽ ٻين آفتن ۾ صوبي کي وفاق طرفان هڪ روپيو به نه مليو. جڏهن ته صوبائي بجيٽ تي 20 کان 30 ارب روپين  جا ڪٽ لڳايا پيا وڃن.

سهيل آفريدي واضح ڪيو ته اسان پي ٽي آءِ باني جي هدايت موجب عوام جي خلاف ڪنهن پاليسي جو حصو نه بڻجنداسين، نيشنل پلان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ اسان سنجيده آهيون پاڪستان جي ادارن ۽ فوج جي خلاف نه آهيون. وڏي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 9 اپريل تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسو ڪندي انهي جي لاءِ سڀاڻي اين او سي جمع ڪرائي ويندي.

تبصرے بند ہیں۔