اسلام آباد: گيس جي کوٽ سبب ملڪ ۾ سي اين جي سيڪٽر کي فراهمي بند ڪئي وئي، جڏهن ته بجلي جي پيداوار به متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب ايندڙ مهيني(اپريل) کان سموري ملڪ جي پاور پلانٽس کي صرف 80 ايم ايم سي ايف ڊي گيس دستياب هوندي جنهن سبب بجلي جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته مارچ ۾ ملندڙ 150 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ۽ ايل اين جي جي فراهمي بند ٿي ويندي، سي اين جي سيڪٽر لاءِ به گيس مڪمل طورتي بند ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاور سيڪٽر کي 25 کان 30 ايم ايم سي ايف ڊي گيس منتقل ڪئي ويندي ۽ فرٽيلائيزر سيڪٽر جي گيس به امڪاني طور تي بجلي جي پيداوار جي لاءِ رکي سگهجي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ 1500 کان 1800 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار به خطري ۾ پئجي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 10 کان 15 سيڪڙو بجلي جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ساهيوال ۽ ڄامشورو جا پلانٽس ڪوئلي جي کوٽ جو شڪار آهن. ڪوئلي جا موجوده ذخيره صرف 3 کان 7 ڏينهن جي لاءِ ڪافي آهن جنهن سبب وڌيڪ 2 کان 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪرڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف ايس ايس جي سي کي به گيس جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان موجب 2 گيس فيلڊز ۾ ٽيڪنيڪي سببن جي ڪري گيس جي فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته انتظاميه جي صورتحال تي مسلسل نظر رکيل آهي جنهن جي ڪري غير امڪاني کوٽ کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔