پشاور زلمي جي پنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست

لاهور: پشاور زلمي 19.1 اوورن ۾ 218 رنز ٺاهي هن وقت تائين جو وڏو ٽارگيٽ چيز ڪري پنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني آهي. پشاور زلمي 5 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل 215 رنز بدران 218 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ راولپنڊي پنڊيز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنز ٺاهيون۔ پنڊيز طرفان اننگز جي شروعات رضوان ۽ ياسر خان ڪئي، ٻنهي رانديگرن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو۔ ياسر خان 28 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي، جڏهن ته محمد رضوان 41 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ياسر خان 6 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 83 رنز جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٻنهي اوپنرن کي علي رضا آئوٽ ڪيو۔ ڪامران غلام 37 ۽ ڊيرل مچل 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. سيم بلنگز 18 ۽ عبدالله فضل 5 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ايرون هارڊي ۽ عامر جمال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پشاور پاران بابر اعظم ۽ محمد حارث اننگ شروع ڪئي. بابر اعظم 28 بالن تي 39 رنز ٺاهي آصف آفريدي هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو. جنهن بعد ڪسال مينڊس آيو. 28 بالن تي 47 رنز ٺاهي حارث عماد بٽ جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. ڪسال مينڊس 17 بالن تي 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، عبدالصمد 11 بالن تي 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، عامر جمال5 بالن تي 17 ۽ بريسويل 17 بالن تي 35 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

تبصرے بند ہیں۔