ايران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي خصوصي اجازت ڏئي ڇڏي

تهران:   ايران ٻن پاڪستاني جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي خصوصي اجازت ڏئي ڇڏي. شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جو جهاز ملتان ۽ چارٽر جهاز آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪري آيا، چارٽر جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا اٺ ڪروڙ خام تيل ڀريل آهي. ٻئي بحري جهاز 31 مارچ تي پاڪستان پهچندا.

شپنگ ذريعن موجب پي اين ايس سي جهاز ملتان ۽ چارٽر جهاز پي اليڪي آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪري آيا آهن، شپنگ ذريعن ٻڌايو ته چارٽر جهاز پي اليڪي ۾ ساڍا 8 ڪروڙ ليٽر ٻارڻ جو تيل ڀريل آهي. ٻئي جهاز 31 مارچ تي پاڪستان پهچندا.

ٻئي جهاز جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هڪ مهيني کان خليج فارس ۾ ڦاٿل هئا. ٻنهي جهازن ڪالهه عرب ملڪن جي ڀرسان هرمز جو سفر شروع ڪيو هو.  ياد رهي ته انهي کان اڳ به آبنائي هرمز مان پاڪستاني جهاز گذري آيا آهن جن کي ايران طرفان خصوصي اجازت ڏني وئي هئي،

تبصرے بند ہیں۔