ڪراچي: سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سنڌ فشريز ترميمي بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي
بل ۾ ماهيگيري نظام کي بهتر بنائڻ ۽ سامونڊي حيات جي تحفظ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي، سنڌ فشريز ترميمي بل جي تحت ڀڃڪڙين تي لاڳو ڪيل ڏنڊن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بنا لائسنس جي ماهيگري ڪندڙن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ماهيگيري قانونن جي ڀڃڪڙي تي هڪ لک روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
سنڌ جي گورنر چيو ته بندش پيل ڄار استعمال ڪرڻ ۽ غير قانوني شڪار ڪرڻ تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا جڏهن ته مڇي مارڻ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 100,000 رپين تائين ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، گورنر چيو ته لائسنس کان سواءِ پروسيسنگ پلانٽ يا ڪارخانو هلائڻ تي 50,000 رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، غير قانوني مڇي خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ واپار ڪرڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. انهي کان علاوه ماحولياتي آلودگي پيدا ڪرڻ ۽ ڪارخاني جي گدلاڻ کي پاڻي ۾ ڇڏڻ تي به ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔