ابوظهبي: وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي حوالي سان عرب ملڪن آمريڪا کي واضح پيغام ڏيندي صرف عارضي جنگبندي کي اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اهو بيان عرب تعاون ڪونسل طرفان سامهون آيو آهي عرب ملڪن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته خطي کي صرف وقتي سيز فائر نه گهرجي پر ايراني ڊرون ۽ ميزائل صلاحيتن سان امڪاني خطرن جي خلاف دفاعي تعاون ۽ تحفظ جي به ضرورت آهي.
ڪونسل جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطي کي علاقائي سيڪيورٽي جي ضمانت گهرجي، امارات پاليسي سينٽر جي صدر ابتسام الڪربي جو چوڻ هو ته اصل چيلينج ايران کي جنگ کان روڪڻ تي راضي ڪرڻ نه پر خطي کي ايران کان پيدا ٿيندڙ ايندڙ خطرن کان پائيدار تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
آمريڪا ۾ متحده عرب امارات جي سفير يوسف العتيبه به جنگبندي کي امتحان جي طور تي واضح ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ايراني صلاحيتن کي مڪمل طور تي ختم يا پابندين جي تحت نه آندو ويو ته جنگبندي کان پوءِ به ايران عالمي معيشت کي يرغمال بنائي سگهي ٿو.
عرب تعاون ڪونسل طرفان آمريڪا کان مطالبن ۾ ايران پراڪسي جنگن جهڙوڪ يمن ۽ غزه ۾ هٿياربند ڌڙن جو خاتمو به شامل آهي. جڏهن ته ڪونسل وڌيڪ فعال سفارتڪاري تي به زور ڏنو ۽ چيو ته صرف بيان نه پر عملي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.
تبصرے بند ہیں۔