ڪراچي : وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي ڪري اڄ پاڪستان کان 46 پروازون رد ڪيون ويون.ڪراچي کان بحرين، نجف، دوحا، مسقط، ابو ظهبي ۽ دبئي لاءِ 15 پروازون رد ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان رد ڪيل لوڪل پروازن ۾ تربت، گوادر، اسلام آباد ۽ لاهور جون 9 پروازون شامل آهن.لاهور کان دبئي، دوحا، دمام، جده ۽ ابو ظهبي لاءِ 9 پروازون رد ڪيون ويون آهن.اسلام آباد کان ڪويت، القاسم، رياض، بحرين ۽ دمام لاءِ 10 پروازون رد ڪيون ويون آهن.پشاور کان دوحا، ابو ظهبي، دبئي ۽ شارجه لاءِ 10 پروازون رد ڪيون ويون آهن.ملتان کان دبئي لاءِ هڪ خانگي ايئر لائن جون 2 پروازون پڻ رد ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان جده، شارجه، دبئي، مدينه ۽ استنبول لاءِ 13 پروازون دير سان آهن.اسلام آباد کان رياض، ابو ظهبي، دمام، استنبول، مانچسٽر ۽ العين لاءِ ٻارهن پروازون دير سان آهن.
تبصرے بند ہیں۔