وزيراعظم سان چيني سفير جي اهم ملاقات، سي پيڪ 2 تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ وفاقي راڄڌاني ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي. انهي موقعي تي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم ٽو سينز جي ڪامياب  منعقد ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي.

وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي  کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن زراعت صنعتي تعاون ۽ بنيادي ڍانچي جي تحت سي پيڪ ٽو کي اڳيان وڌائڻ جي پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو.

چيني سفير جيانگ زيڊونگ پاڪستان جي اقتصادي استقامت ۽ اصلاحت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ واپار، سرمائيڪاري ۾ تعاون جو ارادو ظاهر ڪيو، انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي 75هين سالگره تي رابطي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزيراعظم علاقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي هم آهنگي جاري رکڻ ۽ پائيدار پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو به ارادو ظاهر ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔